سيد علي شاهه

سيد علي شاهه: صوفي بزرگ ۽ شاعر سيد علي شاهه ولد پيرل شاهه ڳوٺ سهڪجي، تعلقي ڳڙهي ياسين جو ويٺل هو. علي شاهه کي سندس والد سيد پيرل شاهه کيس محمد فقير کٽياڻ جي طالب ٿيڻ لاءِ هدايت ڪئي. ان هدايت موجب سيد علي شاهه محمد فقير کٽياڻ جو اچي طالب ٿيو. شاعريءَ ۾ هن ڪافيءَ جي صنف تي گھڻي طبع آزمائي ڪئي، ڪافيءَ ۾ سندس اسلوب عام فهم ۽ سليس آهي، مثال:
نه ڪا حجت هلبي، نه ڪو سور سلبو،
رندائي رمز ۾ پنهنجو روح رلبو،
نازڪ آ ناتو نر ٿي نباهيان،
سهمان سور سختيون سڀوئي سهايان،
جيڪي ڀي ملي سو پائي جھول جھلبو،
جتيءَ ناهيان جهڙو، ڪهڙو سينو ساهيان
نڪو سڱ سياپو، پلئه پاند پايان،
پڻي جا پيرن جي ڪري مشق ملبو،
اها سٽ ساري سيدن واري،
شاهي ڇڏي سون، بزرگي ڀلاري،
پيريءَ کان پري ٿي پنهنجو پاڻ پلبو،
هي هڪڙو ڇاهي، ڪلهن کان ئي ڪوريان،
هجن لک هزارين ڪري گھور گھوريان،
رکي سر اڏيءَ تي علي شاهه نه البو.


لفظ سيد علي شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو